ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جي جهاز کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ واري مامري ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ترجمان پي آءِ اي

اسلام آباد : ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جي جهاز کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ واري مامري ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ترجمان پي آءِ اي جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني وچ ۾ مامرا طئي ٿي ويا آهن، ٻنهي جي رضا مندي کانپوءِ ملائشين عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو ۽ جهاز پي آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته هاڻي جهاز ۾ مسافرن کي ويهاري واپس آندو ويندو، جهاز واپس آڻڻ لاءِ عملي کي پاڪستان کان روانو ڪيو ويو آهي، جهاز هڪ، ٻن ڏينهن ۾ واپس اچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔