اوهان هتي ڇا پيا ڪريو، شبلي فراز جي شهباز گل کي ڇنڊَ

اسلام آباد: پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ان وقت صورتحال دلچسپ ٿي وئي جڏهن وفاقي وزير شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس کان اڳ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل صحافين سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، جنهن تي شبلي فراز مٿس ڪاوڙ ڪندي ڪيو ته هي اوهان ڇا پيا ڪريو، پريس ڪانفرنس ڪرڻ منهنجو ڪم آهي. جنهن تي شهباز گل چيو ته آئون صحافين کي رڳو قرضن بابت انگ اکر ٻڌائي رهيو هيس. شبلي فراز کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته اهو منهنجو ڪم آهي، توهان ايئن نٿا ڪري سگهو، جنهن تي شهباز گل وضاحتون ڪندو رهجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔