پي ڊي ايم فيصلائتو لانگ مارچ ڪيو ته حڪمرانن جو واريءَ وارو محل لُڙهي ويندو: احسن اقبال

اسلام آباد : نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پي ڊي ايم فيصلائتو لانگ مارچ ڪيو ته حڪمرانن جو واريءَ وارو محل لُڙهي ويندو، پي ٽي آءِ ملڪي تاريخ جي ڪرپٽ ترين حڪومت آهي ۽ ديانتداري جو ليبل لڳائي ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته حڪومت کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت کان روڪڻ ۽ سندن سازشون ناڪام بڻائڻ لاءِ پي ڊي ايم طرفان سينيٽ چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو، هن چيو آهي ته عمران خان کي عوام جو درد آهي ته قومي اثاثن بدران 300 ڪنال وارو پنهنجو گهر گروي ڇو نٿو رکي؟. ليگي اڳواڻ چيو آهي ته اپوزيشن جي ڪردار ڪُشي لاءِ ڪوڙا ريفرنس داخل ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ سان گڏ عدليه جو به وقت ضايع ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔