تحريڪ عدم اعتماد: پيپلز پارٽي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي(ن) ليگ ۽ جي يو آءِ(ف) کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پيپلز پارٽي ڪجهه پارٽين جي حمايت حاصل هجڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد هڪ جمهوري آپشن ۽ هڪ جمهوري طريقيڪار آهي. هن چيو ته تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي ڪجهه پارٽيون رابطي ۾ آهن جڏهن ته ڪجهه پارٽين کي خدشا آهن جيڪي گڏ ويهي ختم ڪيا ويندا.  هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته حڪومت جي خلاف آئيني آپشن استعمال ڪيا وڃن.

وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت وٽ وڌيڪ اڪثريت ناهي. موجوده حڪومت کان جمهوريت کي خطرو آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام(ف) به وزيراعظم عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو. ان حوالي سان مولانا عبدالغفور حيدري چيو هو ته بلاول ڀٽو تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ ان معاملي تي ان سان ڳالهيون ڪنداسين. بلاول کان پڇنداسين ته تحريڪ عدم اعتماد ته اسان کي سينيٽ چيئرمين خلاف آڻڻي هئي، وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آندي ته ڇا اسان وٽ ميمبر پورا آهن؟ ڇا بلاول ڀٽو جي گارنٽي آهي ته  ڪوبه ان معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو؟

ان کان علاوه مسلم ليگ(ن) به پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي تجويز رد ڪري ڇڏي هئي. احسن اقبال ان حوالي سان چيو هو ته بلاول ڀٽو وٽ ميمبر پورا آهن ته سامهون آڻي، سينيٽ ۾ ميمبر پورا هجڻ جي باوجود تحريڪ عدم اعتماد ناڪام ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔