وڏي مافيائن کان ريلوي جي زمين تي ڪيل قبضا خالي ڪرائيندس: اعظم سواتي

اسلام آباد: ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته وڏي مافيائن ريلوي جي زمين تي قبضو ڪري رکيو آهي.  مان هنن کان هڪ هڪ انچ زمين تي ڪيل قبضا خالي ڪرائيندس.

رپورٽ موجب چوٿين آل پاڪستان وومين بزنس ڪنوينشن کي خطاب ۾ ريلوي واري وزير اعظم سواتي چيو ته عورتون سماجي، اقتصادي ۽ انساني ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اعظم سواتي چيو ته حڪومت عورتن کي بااختيار بنائڻ تي يقين رکي ٿي ۽ موجوده حڪومت جو وزن آهي ته عورتن کي هر شعبي ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.

هن جو چوڻ هو ته ريلوي کي معاشي حب هجڻ گهرجي پر بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو.  گذريل 50 سالن ۾ ريلوي کي 12 ٽريلين روپين جو نقصان ٿيو. جڏهن ته گذريل ڇهن مهينن ۾ 20 ارب 30 ڪروڙ روپين جو ريلوي کي نقصان ٿي چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي بهتري لاءِ ڪاروباري ماڻهن جي مدد گهرجي. ڪاروباري طبقو پنهنجي آئيڊياز ڏئي، ريلوي کي 6 کان 9 مهينن دوران فخر پاڪستان ڪاروبار بنائيندس ۽ ريلوي کي بزنس ماڊل تحت  هلائينداسين. عورتون به ريلوي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا  ڪري سگهن ٿيون.

اعظم  سواتي وڌيڪ چيو ته موجوده انفرا اسٽرڪچر آفيسرز مزدورن سان ئي ريلوي هلائيندا. ريلوي تي ڪافي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ريلوي کي بزنس ماڊل تي آڻي رهيا آهيون ۽ ريلوي ۾ ترقي جي به ڪافي صلاحيت آهي. هن جو چوڻ هو ته وڏي مافياز ريلوي جي زمين تي قبضو ڪري رکيو آهي انهن کان هڪ هڪ انچ خالي ڪرائيندس ۽ ريلوي کي منافعي بخش ادارو بنائيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔