فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ نواز شريف ۾ فون تي رابطا، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان فون تي رابطو ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون،آصف زرداري تجويز ڏني ته سينيٽ جون ايندڙ چونڊون پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان وڙهيون وڃن.اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت مخالف تحريڪ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪيو.رابطن دوران سينيٽ چونڊون پي ڊي ايم جَي فليٽ فارم تان وڙهڻ ۽ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ بابت بلاول ڀٽو جي تجويز تي ڳالهيون ڪيون ويون.پي ڊي ايم ن ليگ جي درخواست تي 5 فيبروري تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ رٿيل جلسي جو هنڌ به تبديل ڪري ڇڏيو، ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلسو مظفر آباد ۾ ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔