نظام جمود جو شڪار ٿي وڃي ته ايڪشن وٺڻ عدالتن جو ڪم آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: نظام جمود جو شڪار ٿي وڃي ته ايڪشن وٺڻ عدالتن جو ڪم آهي، اڄ ملڪ ۾ انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو جنرل صاحب هو، جيڪو براڊ شيٽ جي ڪاوَي مَوسوِي سان مليو ۽ پئسا گهريا، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سياستن ڪرپٽ آهن، براڊ شيٽ ته هڪ ڪيس آهي، نيب جو رڪارڊ منظرعام تي آيو ته سوين اهڙا ڪيسز ظاهر ٿي ويندا، جنهن معيار تي سياستدانن کان سوال ڪيا وڃن ٿا، ڪامورن، ججز ۽ جرنيلز سان به ائين سوال ڪيا وڃن، پرويز مشرف جو به رمانڊ ورتو وڃي، براڊ شيٽ جا سمورا دستاويز عوام آڏو پيش ڪيا وڃن ته پردي پويان لڪل ڪيترائي نالا ظاهر ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔