وزيراعظم جي دعويٰ اسڪروٽني ڪميٽي تي اثرانداز ٿيڻ برابر آهي: نيئر بخاري

اسلام آباد: پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن مان فارين فنڊنگ ڪيس کٽڻ بابت وزير اعظم جي بيان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته وزيراعظم جي دعويٰ اسڪروٽني ڪميٽي تي اثرانداز ٿيڻ برابر آهي.هن چيو ته وزير اعظم جوبيان اليڪشن ڪميشن ۽ اسڪروٽني ڪميٽي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش آهي.پ پ جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڪيس جي جاچ جاري آهي،اهڙي وقت عمران خان ڪيس کٽڻ جي دعويٰ ڪهڙي بنياد تي ڪئي؟.نيئر بخاري مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي پوزيشن واضح ڪري، وزير اعظم ڪيس جي اوپن ٻڌڻي تي به يوٽرن وٺي ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔