جي يو آءِ کي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ شامل ڪريو: پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف ، جمعيت علما اسلام کي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.قومي اسيمبلي جي ميمبر فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن وٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.درخواست جي متن مطابق جي يو آءِ جي اڳواڻ حافظ حسين احمد ليبيا ۽ عراق مان امداد وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي. حافظ حسين احمد مطابق ليبيا جي ڪرنل قذافي ۽ عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين کان ملندڙ امداد جو ڪوبه ريڪارڊ موجود ناهي، مولانا فضل الرحمان ۽ پارٽي جا ڪيترائي سينئر اڳواڻ عراق ۽ ليبيا جا دورا ڪندا رهيا آهن.درخواست مطابق مولانا محمد خان شيراني پارٽي جي مجلس شورا ۾ معاملو اٿاريو پر ڪوبه جواب نه مليو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔