پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس: اسڪروٽني ڪميٽي پاران ڌريون 2 فيبروري تي طلب

اسلام آباد: پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسڪروٽني ڪميٽي ڌرين کي 2 فيبروري تي طلب ڪري ورتو.پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس ۾ حڪمران جماعت جو وڪيل شاهه خاور هاءِ ڪورٽ ملتان ۾ مصروف هجڻ سبب ڪارروائي اڳتي وڌي نه سگهي.ڪيس جي درخواست گذار اڪبر ايس بابر اسڪروٽني ڪميٽي تي اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو.اڪبر ايس بابر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان کي اسڪروٽني ڪميٽي جي جاچ تي اعتماد آهي.اڪبر ايس بابر چيو ته ڪميٽي جاچ جاري رکي، وزير اعظم ڪارروائي اوپن ڪرڻ تي اعتراض ختم ڪرڻ کانپوءِ دستاويز فراهم ڪيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔