ايل اين جي ريفرنس ۾ شيخ رشيد کي شاهد طور طلب ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: ايل اين جي ريفرنس ۾ احتساب عدالت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي شاهد طور طلب ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي،.اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي احستاب عدالت اسلام آباد ۾ ايل اين جي ريفرنس بابت ٻڌڻي دوران شيخ رشيد کي شاهد طور گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.احتساب عدالت جي جج اعظم خان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.شاهد خاقان عباسي درخواست ۾ ڄاڻايو ته شيخ رشيد جو نيب جي شاهدن جي لسٽ پهرين نمبر تي آهي،ان کي پهريان گهرايو وڃي.هن جو موقف هو ته نيب کي شڪايت ڪندڙ جو بيان پهريان ريڪارڊ ٿيڻ گهرجي.واضح رهي ته شيخ رشيد ماضي ۾ دعوا ڪئي هئي ته ايل اين جي، جي سودي ۾ قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔