سنڌ سرڪار پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو،7 رڪني ڪميٽي قائم

ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي اڳواڻي ۾ قائم ڪيل انهي ڪميتي ۾ ڊي جي آرڪيالاجي، ڊي جي معدنيات، ڊي سي ٿرپارڪر، آرڪيالاجسٽ ڪليم الله لاشاري، محقق محمد بخش مشڪور ۽ داڪٽر محمد حسن ميمبر طور شامل هوندا. ڪميٽي ڪارونجهر جبل جي ايراضي جو تعين ڪندي، جبل مان پٿرن جي ڪٽائي روڪڻ بابت تجويزون ڏيندي. ڪميٽي ڪارونجهر جبل کي سياحتي طور فروغ ڏيارڻ لاءِ قدم کڻندي ۽ موسمي تبديلي بابت رپورٽ پڻ تيار ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔