سنڌ ڪابينا پاران 37 هزار استادن جي ڀرتين بابت سفارشون جوڙڻ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي: هاڻ استادن جون ڀرتيون يونين ڪائونسل ۽ تعلقي وائيز ٿينديون، سنڌ ڪابينا استادن جي ڀرتين جَي حوالي سان 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، بي ايس ايجوڪيشن، بي ايڊ آنرز لاءِ 4 مارڪون، ايم ايڊ لاءِ 2 مارڪون ۽ بي ايڊ پاس ڪرڻ لاءِ هڪ مارڪ هوندي، اهي مارڪون انهن اميدوارن کي ڏنيون وينديون، جيڪي لکت وارو امتحان پاس ڪري چڪا هوندا، استادن جون ڀرتيون اين ٽي ايس ذريعي ٿينديون، سينيئر استادن جون ڀرتيون ايس پي ايس ذريعي ٿينديون، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس دوران آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۾ پي ايس ٽيز جون 30 هزار ۽ جي ايس ٽيز جون 7 هزار جايون خالي آهن، نثار کهڙو، سردار شاهه ۽ سعيد غني تي ٻڌل ڪميٽي کان نين ڀرتين بابت سفارشون طلب ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔