قادر خان مندو خيل پاران فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ قادر خان مندو خيل وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، پ پ اڳواڻ طرفان فيصل واوڊا خلاف هلندڙ نااهلي ڪيس ۾ ڌُر بڻجڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل، درخواست ۾ پ پ اڳواڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته عام چونڊن دوران جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ فيصل واوڊا ڪورو حلفي بيان جمع ڪرايو، فيصل واوڊا امريڪي شهريت لڪائِي ۽ ڪوڙ ڳالهايو، فيصل واوڊا صادق ۽ امين ناهي رهيو، کيس آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل قرار ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔