50 ڪروڙن جي هرجاڻي ڪيس ۾ علي ظفر کي 15 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي ڪيس ۾ گلوڪار علي ظفر کي 15 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.
گلوڪار علي ظفر خلاف 50 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
درخواست گذار لينا علي جي وڪيل چيو ته علي ظفر کي اهڙي قسم جا ٽوئيٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي، علي ظفر اهڙي قسم جا ٽوئيٽ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ته درخواست واپس وٺي ڇڏينداسين.
علي ظفر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اهڙي قسم جو ڪو ٽوئيٽ ڪيو ئي ناهي، درخواست جو جائزو وٺي جواب ڏينداسين، مارچ جي ڪا تاريخ ڏني وڃي ته جواب جمع ڪرايون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته 15 فيبروري تائين مهلت ڏئي رهيا آهيون، جواب جمع ڪرايو، جواب جمع نه ڪرايو ويو ته ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست گذار جي وڪيل کي ٻڌي منع نامي جو حڪم جاري ڪنداسين.
واضح رهي ته لينا نالي عورت گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر خلاف 50 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته علي ظفر جو ڊسمبر 2020 جو ري ٽوئيٽ ۽ 22 ڊسمبر جو ٽوئيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري علي ظفر انهن ٽوئيٽس کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔