وائلڊ لائيف کاتي جي ڪنزرويٽر جاويد مهر کي ايڊيشنل چارج ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ وائلڊ لائيف کاتي جي ڪنزرويٽر جاويد مهر کي ٻيلي کاتي جي ايڊيشنل چارج ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري جواب طلب، ٻيلي کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر ۽ ڊپٽي دائريڪٽر طرفان جاويد مهر کي اضافي چارج ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فاريسٽ کاتي جي ڪنزرويٽر کي وائيلڊ لائيف کاتي جو ڪنزرويٽر مقرر نٿو ڪري سگهجي، جاويد مهر کي غيرقانوني طور ٻيلي کاتي جي اضافي چارج ڏني وئي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔