ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ملازم کي فراڊ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال ٽيپ

ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ملازم کي فراڊ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال ٽيپ، ڪراچي جي مقامي عدالت جوابدار سيد مشرف کي 50 هزار ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ شهري نياز حسين ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ملازم خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جوابدار سيد مشرف ڪي اليڪٽرڪ جي سب اسٽيشن هٽائڻ لاءِ شهري 35 لک رُپيا گهريا هئا، ايڊوانس ۾ 35 هزار رُپيا وٺڻ باوجود نه سب اسٽيشن هٽائي ۽ نه ئي وري شهري کي پئسا واپس ڪيا، ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ملازم خلاف نيو ٽائون ٿاڻي تي فراڊ جو ڪيس داخل ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔