چناب درياهه تي ڀارت جو آبي وار، پاڪستان ورلڊ بئنڪ پهچي ويو

اسلام آباد: ڀارت جا پاڪستان خلاف آبي وار جاري آهن، چناب درياهه تي تڪراري آبي منصوبن جي اڏاوت روڪرائڻ لاءِ پاڪستان ورلڊ بئنڪ پهچي ويو.ڀارت پاڪستان جي سخت اعتراضن باوجود والاريل ڪشمير ۾ تڪراري پڪل دل، رتلَي ۽ لوئر ڪلنائي پن منصوبن تي ڪم جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي وارو معاملو ٽياڪڙي واري عالمي عدالت ۾ اٿارڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ سان رابطو ڪري ورتو آهي.انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ تڪراري پڪل دل، رتلَي ۽ لوئر ڪلنائي پن منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن لاءِ چناب درياهه جو پاڻي کڻي سگهي ٿو.مهر علي شاهه چيو ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي اٽارني جنرل جي قيادت ۾ ٽيم ورلڊ بئنڪ سان رابطي ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔