وفاقي سرڪار پاران خساري ۾ ويندڙ 4 بجلي گهر صوبن جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پاران خساري ۾ ويندڙ 4 بجلي گهر صوبن جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پاور ڊويزن پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 27 جنوري تي رٿيل اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪيون وينديون.ذريعن موجب وفاقي حڪومت حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنيون سنڌ ۽ پشاور ۽ ٽرائبل اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنيون ڪي پي سرڪار کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.حڪومت پاور ڊويزن کي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ کڻي وڃڻ جي تياري جي هدايت ڪئي وئي آهي.پاور ڊويزن پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 27 جنوري تي رٿيل اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪيون وينديون.ذريعن موجب پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني سالياني نقصانن 38 ڏهائي 69 سيڪڙو تي پهچي چڪا آهن ۽ ٽرائبل اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا نقصان 16 ڏهائي 19 سيڪڙو آهن.ذريعن موجب سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا سالياني نقصان 36 ڏهائي 27 سيڪڙو ۽ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني نقصان 28 ڏهائي 82 سيڪڙو تي پهچي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔