حڪومت سوشل ميڊيا جي قائدن تي نظرثاني جي حامي ڀري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت سوشل ميڊيا ريگيوليٽ ڪرڻ وارن قائدن تي نظرثاني جي حامي ڀري ڇڏي، عدالت رولز تي نظرثاني لاءِ مهلت ڏيندي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجون تجويزون حڪومت کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سوشل ميڊيا ريگيوليٽ ڪرڻ وارن قائدن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل خالد جاويد خان پيش ٿي آگاهي ڏني.اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته مڪمل پابندي يا ڪنهن پليٽ فارم کي بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، پٽيشنرز ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت بعد نظرثاني ڪنداسين.عدالت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته اٽارني جنرل جو تمام سٺو رد عمل آهي، مشاورت ضروري آهي، جيڪڏهن هي سوشل ميڊيا رولز ۾ نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته اوهان پنهنجون تجويزون به پيش ڪريو.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪندي چيو ته اسان کي حڪومت تي مڪمل اعتماد ڪرڻ گهرجي ۽ سٺائي جي اميد ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔