بي اعتمادي رٿ جو سياسي، جمهوري ۽ پارلياماني انداز ۾ مقابلو ڪنداسين: شاهه محمود

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اتحادين سان گڏجي بي اعتمادي رٿ جو سياسي، جمهوري ۽ پارلياماني انداز ۾ مقابلو ڪنداسين.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسيمبلين جو رخ اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڇوته اهي سمجهن ٿا ته سندن احتجاجي سياست تي عوام ڌيان نه ڏنو آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته پي ڊي ايم جي صفن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن، استعيفائن واري معاملي تي مسلم ليگ نون ۾ مريم نواز ۽ شهباز شريف جي سوچ جو اختلاف منظر عام تي اچي ويو آهي، فضل الرحمان جي پارٽي ۾ به دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ نظر اچي ٿي.هن چيو ته سينيٽ اليڪشن بعد مختلف پارٽين هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳايا ۽ اليڪشن جي شفافيت تي سوال اٿاريا، اسان هارس ٽريڊنگ جي الزامن سبب اوپن ووٽنگ جي تجويز ڏني آهي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ سان به رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ اون ووٽنگ جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔