اپوزيشن تسلي ڪري وٺي ته عمران خان 2023ع تائين وزيراعظم آهي: چوڌري سرور

لاهور: پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته پي ڊي ايم جِي حڪومت ڪيرائڻ واري خواهش دل ۾ ئي رهجي ويندي، اپوزيشن تسلي ڪري وٺي ته عمران خان 2023ع تائين وزيراعظم آهي.پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.چوڌري سرور چيو ته هر محاذ تي ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم محفوظ رستي جي ڳولا ۾ آهي، عوام چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي خواهش رکڻ وارن سان ناهي.هن چيو ته سياسي ماحول ۾ هلچل پيدا ڪرڻ پي ڊي ايم جي مجبوري آهي، حڪومت مضبوط آهي، اپوزيشن جي ڌمڪين سان فرق نه پوندو، سينيٽ چونڊون به تحريڪ انصاف ئي کٽيندي.چوڌري سرور چيو ته پي ڊي ايم جِي حڪومت ڪيرائڻ واري خواهش دل ۾ ئي رهجي ويندي، اپوزيشن تسلي ڪري وٺي ته عمران خان 2023ع تائين وزيراعظم آهي.ان موقعي تي راجا بشارت چيو ته حڪومت عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔