پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 4 فيبروري تي طلب

اسلام آباد: پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 4 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي مشاورت ڪئي ويندي.مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو سربراهي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ تي مشاورت ڪئي ويندي.اجلاس دوران سينيٽ چونڊون پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان وڙهڻ تي به غور ڪيو ويندو، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي مشاورت ڪئي ويندي.اجلاس ۾ راولپنڊي جي لياقت آباد ۾ 5 فيبروري تي رٿيل جلسي جي تيارين بابت به بريفنگ ڏني ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔