وزيراعظم عمران خان پاران وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، ڪرونا وئڪسين جي قيمت طئي ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس لاءِ 17 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.اجلاس دوران ڪرونا ويڪسين جي قيمت طئي ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته 8 لک ٽن کنڊ ۽ 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ وارو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي.ڪابينا جي اجلاس ۾ اقتصادي ۽ معاشي انگن اکرن تي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول پيش ڪيو ويندو.اجلاس دوران عدالتي حڪم بعد ڪابينا ڪميٽين جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔