وزيراعظم عمران خان پاران سفيرن کان 20 ڏينهن اندر ڪارڪردگي رپورٽ طلب

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پاڪستاني سفيرن کان 20 ڏينهن اندر ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ذريعن موجب هر سفير 20 ڏينهن کانپوءِ رپورٽ وزيراعظم کي اماڻيندو، فريم ورڪ تحت ڪم نه ڪندڙ سفيرن کي تبديل ڪيو ويندو.پاڪستاني سفيرن جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ تيار ڪري پرڏيهي آفيس کي اماڻيو ويو.دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن کان گڏيل لاڳاپن ۽ معاشي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ بابت تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب هر سفير 20 ڏينهن کانپوءِ رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم عمران خان کي اماڻيندو، جنهن ۾ ڪشمير مسئلو اجاگر ڪرڻ لاءِ قدمن بابت به آگاهه ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته فريم ورڪ تحت ڪم نه ڪندڙ سفيرن کي تبديل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔