خواجه آصف دبئي جي مشهور هوٽل سان ڀائيواري ۾ رهيو آهي: نيب رپورٽ

لاهور: نيب رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته خواجه آصف جي دبئي جي هڪ مشهور هوٽل سان ڀائيواري رهي آهي.

نيب پاران مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کان ٿيندڙ جاچ رپورٽ  سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ نيب دعويٰ ڪئي آهي ته خواجه آصف جي دبئي جي هڪ مشهور هوٽل ۾ ڀائيواري رهي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خواجه آصف دبئي ۾ واقع جاپاني هوٽل(زن) ۾ ڀائيوار هئو ۽ هن دبئي جي ڪمپني آنيميڪو ۾  نوڪري به ڪندو آهي. رپورٽ ۾ چيو  ويو آهي ته خواجه آصف موجب 2012 ۾ هن هوٽل سان ڀائيواري ختم ۽ 2017 ۾ نوڪري ڇڏي ڏني هئي. پر هو هوٽل ۾ ڀائيواري ۽ ڪمپني ۾ نوڪري جي حوالي سان نيب کي اڃان تائين رڪارڊ ناهي ڏئي سگهيو.

نيب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خواجه آصف جي(طارق مير اينڊ ڪمپني) ۾ به ڀائيواري رهي آهي. ڪمپني جي بينڪ اڪائونٽن ۾ 2009 دوران 100 ملين جون ٽي ٽيز موڪليون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔