نيب مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ کي طلب ڪري ورتو

پشاور: قومي احتساب بيورو(نيب) خيبرپختونخواهه مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ کي طلب ڪري ورتو آهي.

نيب ڪي پي ڪي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُالرحمان کي سال 2007 ۾ غيرقانوني طور تي پروونشل مينجمينٽ سروس ۾ شامل ڪيو ويو.

ان کان علاوه نيب اڳوڻي چيف سيڪريٽري صاحبزاده رياض نور، اڳوڻي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ صاحب جان ۽ اڳوڻي سيڪريٽري گورنر احمد حنيف اورڪزئي کي به طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان سمورن ماڻهن کي 27 ۽ 28 جنوري تي پشاور آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب مولانا فضل الرحمان جي خلاف ٻه انڪوائريون شروع ڪيون آهن جڏهن ته گذريل ڏينهن ان جي ناٺي فيض علي کي به طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن کي 28 جنوري تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔