سنڌ جَي وڏي وزيروفاقي وزيرعلي زيدي جي اڍنگي رويي خلاف وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي وزير علي زيدي جي اڍنگي رويي خلاف وزير اعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ وڏي وزير چيو ته علي زيدي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران سڀني سامهون مون کي اڻوڻندڙ جملا چيا، وزير اعظم علي زيدي جي اڍنگي رويي جو نوٽيس وٺي، وڏي وزير چيو آهي ته علي زيدي هن کان اڳ به اڍنگو رويو اختيار ڪيو آهي، ميٽنگ ۾ علي زيدي انتهائي تڪبر ۽ غرور سان مخاط ٿيندو رهيو، خط ذريعي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهيان، اڳتي علي زيدي اجلاس ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ٽرانسميشن پيڪيج بابت اجلاس ۾ وفاقي وزير علي زيدي ۽ مراد علي شاهه وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، علي زيدي اجلاس کان ٻاهر ويندي گهٽ وڌ ڳالهايو هو، جڏهن ته ٻئي پاسي علي زيدي به وزيراعظم کي مراد علي شاهه بابت خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته صوبي ۾ ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه به نه پيو ٿئي، وڏو وزير ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي، هو پاڻ کي ذميوار نٿو سمجهي، علي زيدي  چيو ته مراد علي شاهه جو عمل مذمت جوڳو آهي، هن شائستگي جو سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔