ڪوآرڊينيشن ڪميٽي اجلاس ۾ علي زيدي وڏي وزير سان سخت لهجي ۾ ڳالهايو: سعيد غني

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ علي زيدي ۾ جهيڙي بابت لکيل خط ڳجها رکيا ويا هئا، پر حڪومتي ماڻهن انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي اُهي خط ميڊيا تي ظاهر ڪري ڇڏيا، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ علي زيدي وڏي وزير سان سخت لهجي ۾ ڳالهايو ۽ بدزباني ڪندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ويو، اجلاس ۾ شريڪ سمورا ماڻهو شاهد آهن ته علي زيدي جي بدزباني باوجود وڏي وزير صبر جو مظاهرو ڪيو، سنڌ سرڪار علي زيدي کي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي مان ڌار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔