براڊ شيٽ ۾ اڃا کوڙ ساريون شيون ظاهر ٿيڻيون آهن: شيخ رشيد

لاهور: بلاول ڀٽو سمجهدار ۽ سياسي طور بالغ ٿي ويو آهي، هو صحيح چوي ٿو ته بي اعتمادي رٿ سندن قانوني ۽ آئيني حق آهي، پي ٽي آءِ جو ڪوبه اتحادي پوئتي نه هٽي رهيو آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته براڊ شيٽ ۾ اڃا کوڙ ساريون شيون ظاهر ٿيڻيون آهن، خبر ناهي اهو مامرو سپريم ڪورٽ وڃي يا ڪنهن ٻئي فورم تي هليو وڃي، اپوزيشن کي جسٽس عظمت سعيد نه، پر ملڪ قيوم جهڙا سربراهه گهرجن، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جي احتجاجن سان ڪجهه به نه ٿيندو، پي ڊي ايم وارا آئين ۽ قانون تحت اسلام آباد ايندا ته حڪومت ڪي به رنڊڪون پيدا نه ڪندي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔