نيب انڪوائري دوران جوابدارن جا بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ قانون خلاف قرار

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب طرفان انڪوائري دوران جوابدارن جا بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ واري عمل کي قانون جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت اهم فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته نيب کي انڪوائري جي مرحلي ۾ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻا آهن ته قلم 12 تحت آرڊر ڪري، قانون موجب نيب کي انڪوائري ۽ انويسٽيگيشن جلد مڪمل ڪرڻي آهي، پر اُن ۾ ڪيترائي سال لڳي وڃن ٿا، رڳو الزامن جي بُنياد تي سالن جا سال بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ آئيني حقن جي ڀڇڪڙي آهي، جاچ آفيسر جي دير سبب شهري کي خرچ لاءِ اڪائونٽ مان پئسا ڪڍڻ کان ڪيئن ٿڳو روڪي سگهجي، ڏوهاري کي سزا ڏيڻ رياست جو ڪم آهي ته شهري کي پنهنجي رقم استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ به ضروري آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ بئنڪ جي اڳوڻي صدر بلال شيخ کي ذاتي اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔