جيڪڏهن پوليس ڌر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهيراءُ ڪنداسين: ام رباب چانڊيو

دادو: دادو جي عدالت ام رباب جي گهر ڀاتين جو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، فرسٽ سول ايڊيشنل سيشن موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو آهي ته پوليس مک جوابدار کي بچائڻ لاءِ وٽس هٿ آيل هٿيار ظاهر ناهي ڪيو، جيڪڏهن پوليس جانبداري جو مظاهرو ڪيو ته گهيراءُ ڪنداسين، سردار چانڊيو ۽ برهان خان عدالت ۾ فرنٽ سيٽ تي ويٺل آهن، جيڪا قانون سان مذاق آهي عدالت کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هفتي کانپوءِ ٻڌڻي رکيل آهي، سردار چانڊيو وارا عدالت ۾ ماڻهن جي هجوم سان گڏ اچن ٿا اعتراضن باوجود پوليس خاموش آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مک جوا بدار کي پيش ڪرايو ويندو جيڪڏهن انهن کان هٿيار هٿ نه ڪيا ويا ته گهيراءُ ڪنداسين، لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ اسان جي وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرايو آهي. ان موقعي تي سردار چانڊيو چيو ته اسان کي ڪا به پريشاني نه آهي پريشان مخالف آهن هت دانهون ڪن ٿا ۽ لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ پاڻ تاريخون پيا وٺڻ ۽ دانهون به پاڻ پيا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔