براڊ شيٽ ۾ پردي پويان لڪل ڪيترائي نالا پڌرا ٿيندا: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: براڊ شيٽ ۾ پردي پويان لڪل ڪيترائي نالا پڌرا ٿيندا، نيب بدنام ٿي ويو ۽ نيب کي هلائيندڙ وائکا ٿي ويا آهن، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپٽ حڪمرانن اقتدار ۾ ويٺل آهن ۽ نيب جي ڪرپشن سبب پاڪستان دُنيا ۾ بدنام ٿي ويو آهي، سياستدانن کي ڪرپٽ ڪوٺيندڙ ۽ جيل ۾ وجهندڙ ادارا به وائکا ٿي ويا، رٽائرڊ جسٽس عظمت سعيد کي براڊ شيٽ جاچ ڪميٽي جي سربراهي کان انڪار ڪرڻ گهرجي، اڄ سندس امتحان آهي، غير تڪراري شخصيت کي ڪميٽي جو سربراهه بڻايو وڃي ته جيئن حقيقتون عوام آڏو پڌريون ٿي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔