تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جواجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق

ڪراچي : تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق، تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هن سال شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي، ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته  تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي، ڪورونا سبب اڳ ئي تعليم سخت متاثر ٿي آهي، هاڻ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔