ست ست سال گذري وڃن ٿا پر لاپتا ماڻهو بازياب نٿا ڪرايو: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پوليس کين ڇنڊ

ڪراچي: 7-7سال گذري وڃن ٿا پر گم ٿيل ماڻهو بازياب نٿا ڪرائي سگهو، ڪهڙن ڌنڌن ۾ لڳا پيا آهيو؟، سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 10 آءِ جي تبديل ٿي ويا، پر گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيا، پوليس آفيسرن کي گم ٿيل ماڻهن جي پرواهه ئي ناهي، ٻڌڻي دروان گم ٿيل رياست الله ۽ ٻين شهرين جي وارثن لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته 7 جي آءِ ٽيز جڙيون پر اسان جا پيارا گهر واپس نه آيا، عدالت گم ٿيل ماڻهن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ايف آءِ اي کان گم ٿيل ماڻهن جي ٽريول هسٽري طلب ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔