قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي وارو فيصلو واپس

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي وفاقي وزير شبلي فراز جي مخالفت تي نيب چيئرمين کي طلب ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين جاويد لطيف چيو ته وفاقي وزير خواهش ته نيب چيئرمين جي نمائندي کي طلب ڪريون ٿا، نيب جو نمائندو مطمئن نه ڪري سگهيو ته چيئرمين کي طلب ڪرڻو پوندو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته نيب چيئرمين کي طلب ڪرڻو آهي ته پوءِ براڊ شيٽ جي ٻين ڪردارن کي به گهرايو، سڀاڻي ڪا ڪميٽي اڳوڻي وزيراعظم کي به طلب ڪري سگهي ٿي، اپوزيشن جو مقصد نيب تي دٻاءُ وجهڻ آهي، براڊ شيٽ مامري تي جاچ ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔