پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي عوامي سطح تي ڪارروائي نٿي هلائي سگهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي عوامي سطح تي ڪارروائي نٿي هلائي سگهي، ائين ڪرڻ سان اسڪروٽني ڪميٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون: اليڪشن ڪميشن پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي جو اختيار ۽ منصب جي آءِ ٽي وارو آهي، پرڏيهي فنڊنگ جهڙن حساس ۽ اهم ڪيسز تي تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن جلد ۽ شفاف فيصلو ٿي سگهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جَي درخواستگذار اڪبر ايس بابر جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، اڪبر ايس بابر ۽ سندس وڪيل تي اسڪروٽني ڪميٽي کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۽ ڪم ۾ مداخلت جا الزام، اڪبر ايس بابر جي الزامن تي وضاحت جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اڪبر ايس بابر ۽ سندس وڪيل اسڪروٽني ڪميٽي جي ڪم ۾ مداخلت ڪري ڪميٽي کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔