جوبائيڊن آمريڪا جي 46هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو

واشنگٽن: جوبائيڊن آمريڪا جي 46هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو ۽ ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڪمالا هيرس آمريڪا جي پهرين عورت نائب صدر بڻجي وئي.
ڊيموڪريٽڪ جي 78 سالن جي جوبائيڊن آمريڪا جي چيف جستس جان رابرٽس جي تقريب ۾ حلف کنيو جنهن ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شرڪت نه ڪئي.
بائيڊن کان اڳ ڪمالا هيرس آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت نائب صدر جي حيثيت سان حلف کنيو.
ڪمالا هيرس نه رڳو پهرين عورت نائب صدر بڻجي وئي پر پهرين ڪاري نسل ۽ پهرين ايشيائي آمريڪي عورت صدر به بڻجي وئي آهي.
ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ جوبائيڊن آمريڪا جي 46هين صدر جو حلف کڻڻ کان پوءِ پنهنجي خطاب ۾ چيف جسٽس ۽ آمريڪا جي عوام سميت ٻين جا ٿورا مڃيا.
هن چيو ته جمهوريت قائم آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هتي چڪريون به ٿيون پر سندن اقتدار جو وقت پورو ٿيو.
تقريب ڪورونا وائرس سان گڏوگڏ 6 جنوري تي پيدا ٿيل سيڪيورٽي خدشن جي ڪري وڏي حد تائين پنهنجي معمول جي صورتحال کان محروم ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔