عهدو سنڀاليندي ئي جوبائيڊن مسلمانن تي لاڳو سفري پابنديون ختم ڪري ڇڏيون

  واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن صدارت جو عهدو سنڀاليندي ئي 17 حڪمن تي صحيحون ڪري ڇڏيون

پرڏيهي خابرو اداري موجب جوبائيڊن پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي ئي اڳوڻي صدر ٽرمپ جي دورجي ڪيترن ئي فيصلن کي واپس وٺڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا ، جن ۾ آمريڪي صدر ڪجهه مسلم اڪثريت ملڪن جي شهرين تي آمريڪا ۾ اميگريشن تي پابندي ختم ڪرڻ جي بل تي به صحيح ڪري ڇڏي .

آمريڪي صدر جي حڪمن هيٺ نوجوان وطن ڇڏيندڙن کي تحفظ ڏنو ويندو ۽ ميڪسيڪو جي سرحد تي ڀت جي اڏاوت واري ڪم کي روڪيو ويندو .

آمريڪي صدر موسمياتي تبديلي بابت پيرس معاهدي کي وري بحال ڪري ڇڏيو جڏهن ته مڙني وفاقي ملڪيتن تي ماسڪ لازمي قرار ڏيڻ جي بل تي به صحيحون ڪري ڇڏيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔