پاڪستاني اداڪاره ريما خان آمريڪا ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي ڇڏي

واشنگٽن: مشهور پاڪستاني فلمن جي اداڪاره ريما خان عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي ڇڏي آهي.انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ريما خان ٻڌايو ته هن اڄ ئي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واري ويڪسين جو پهريون ڊوز لڳرايو آهي.اداڪاره ويڪسين لڳرائڻ جي وڊيو به جاري ڪئي. ياد رهي ته ريما خان آمريڪا ۾ ترسيل آهي جتي حڪومتي سطح تي ڪورونا ويڪسينيشن جاري آهي ۽ هڪ شخص کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڊوز ڏنا پيا وڃن.ريما امڪاني طور تي ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ پهرين مشهور پاڪستاني اداڪاره آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔