فرانس جو ناليواري پاڪستاني اداڪار جمال شاهه لاءِ اعليٰ ايوارڊ جو اعلان

پاڪستان جي ناليواري فنڪار جمال شاهه جي لاءِ فرانس طرفان سندس فني خدمتن تي اعليٰ ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فرانسيسي سفير خط لکيو ته جمال شاهه کي ايوارڊ ملڻ جو اطلاع ۽ واڌايون ڏنيون، پاڪستان ۾ فرانس جو سفير جمال شاهه کي سندس فني خدمتن تي نائٽ ايوارڊ آرڊر آف آرٽس سان نوازيندو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته جمال شاهه کي اِهو اعليٰ ايوارڊ پاڪستاني ڪلچر ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ تي ڏنو پيو وڃي.
ڪورونا جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال بهتر ٿيندي ئي جمال شاهه کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب رٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔