ڀارتي سازش هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي سازش هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته پلوامه واقعي جي حوالي سان منهنجا بيان رڪارڊ تي آهن. اسان چيو هو ته پلوامه ڀارت طرفان هڪ فالس فليگ آپريشن آهي ۽ پلوامه جي آڙ ۾ ڀارت ڪا چال هلي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي سازش بي نقاب ٿي وئي آهي. مودي سرڪار 40 فوجين کان حياتيون کسيون. اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت افغانستان ۾ سپائيلر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 26 فيبروري تي پاڪستان  مٿان حملي جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪستان خير سگالي جي جذبي تحت ڀارت جو گرفتار ٿيل پائلٽ واپس ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته 14 نومبر تي ڀارتي دهشتگردن جي پٺڀرائي جا ثبوت دنيا جي سامهون آندا هئا ۽ اي يوڊس انقوليب جا انڪشاف ڀارتي ارادن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. دنيا اسان جي ڊوزئير کي سنجيدگي سان ڏسي.

شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۾ 20 جنوري تي نئين قيادت حڪومت سنڀالڻ وڃي رهي آهي ۽ اڄ برطانوي پارليامينٽ ۾ ڀارت جي خلاف آواز اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔