اتر وزيرستان ۾ نامعلوم ماڻهن پوليس چيڪ پوسٽ کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو

پشاور: اتر وزيرستان ۾ تعمير ٿيندڙ پوليس چيڪ پوسٽ کي نامعلوم ماڻهن بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب اتر وزيرستان جي تعلقي ميراشاهه ۾ دته خيل روڊ تي ڳوٺ احمد خيل بابري اڏه ويجهو تعمير هيٺ پوليس چيڪ پوسٽ کي نامعلوم ماڻهن بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو. جوابدار رات جي اونداهي جو فائدو کڻندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ان حوالي سان مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي وقت چيڪ پوسٽ تي ڪوبه موجود نه هو. ان لاءِ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان ناهي ٿيو. پوليس شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔