وڏي احتجاج جون تياريون، پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس جاري

اسلام آباد: پاڪستان ڊيموڪريٽ موومينٽ جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ جاري آهي, جنهن ۾ مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، راجه پرويز اشرف، زاهد خان، سڪندر شير پائو، بي اين پي مينگل جو جهانزيب جمالديني، آغا حسن بلوچ، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ موجود آهن.

ذريعن موجب  اجلاس ۾ اليڪشن ڪميٽي جي ٻاهران احتجاج جي حڪمت عملي غور هيٺ ايندي. جڏهن ته 31 جنوري جي ڊيڊ لائن کان پوءِ پي ڊي ايم جي حڪمت عملي تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ان حوالي سان چوڻ هو ته اجلاس ۾ 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون مظاهري کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ لانگ مارچ بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويندا.

جڏهن ته اسيمبلين مان به استعيفائن جو معاملو غور هيٺ ايندو. پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين شرڪت نه ڪئي آهي. ان معاملي تي جڏهن ته مريم نواز اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتي ته هڪ صحافي طرفان کانئس سوال ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو اڄ به اجلاس ۾ شرڪت ناهي ڪئي ان جي باري ۾ اوهان ڇا چوندو؟ ان تي مريم نواز چيو ته بلاول اسٽيرنگ ڪميٽي جو ميمبر ناهي ان لاءِ هن اجلاس ۾ شرڪت ناهي ڪئي.

صحافي طرفان مريم نواز کان ٻيهر سوال ڪيو ويو ته اسٽيرنگ ڪميٽي جا  ته اوهان به ميمبر ناهيو؟ ان تي ليگي اڳواڻ چيو ته مون کي اڄ خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔