اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي نرگوسا ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا جن جي سڃاڻپ عثمان علي ۽ وحيد لشتني جي نالي سان ٿي جڏهن ته فائرنگ دوران هڪ دهشتگرد زخمي  به ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد تحريڪ طالبان سجنا گروپ جا سرگرم ميمبر هئا. ٻئي دهشتگرد آءِ اي ڊيز ٺاهڻ جا ماهر ۽ دهشتگردي جا ماسٽر مائينڊ  به هئا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾  ملوث هئا. دهشتگرد عثمان 14 آڪٽوبر 2020 تي سيڪيورٽي فورسز تي ٿيندڙ حملي ۾ ملوث هئا جنهن ۾ ڪيپٽن عمر چيمه، 2 جي سي اوز ۽ 3 سپاهي شهيد، جڏهن ته  4 سپاهي زخمي ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔