عمران عباس دنيا جي 100 خوبصورت ترين مردن جي فهرست ۾ شامل

ڪراچي : پاڪستاني اداڪار عمران عباس 2020 جي 100 خوبصورت ترين مردن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو.
عمران عباس گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي هيلو ميگزين جي تصديق ٿيل انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ تصوير شيئر ڪئي.
اداڪار طرفان شيئر ڪيل پوسٽ موجب هن 2020 جي 100 انتهائي خوبصورت مردن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
عمران عباس طرفان اهڙي پوسٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ مداحن طرفان کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن تي اداڪار سندن ٿورا مڃيا ۽ چيو ته کيس پاڪستان جي نمائندگي تي فخر آهي پر پوءِ اداڪار پوسٽ تي ڪمينٽس بند ڪري ڇڏيا، جنهن جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔