هالي ووڊ ۾ انٽري تي سجل علي کي ساٿي فنڪارن پاران مبارڪباد

لاهور: پاڪستاني اداڪاره سجل علي کي جمائما گولڊ اسمٿ جي پروڊڪشن ۾ تيار ٿيندڙ فلم(واٽس اووگاٽ ٽوڊووِداٽ) ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان تصديق سامهون اچڻ کان پوءِ مداحن طرفان اداڪاره کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.سجل علي جي ڀيڻ ۽ اداڪاره صبور علي انسٽاگرام تي سجل علي کي مبارڪباد ڏيندي اسٽوري شيئر ڪئي ۽ چيو ته مون کي سجل علي جي ڀيڻ هجڻ تي فخر آهي، اوهان کي پنهنجي محنت جو ڦل مليو، يقين آهي ته آسمان اوهان جي حد آهي ان ڪري ٻاهر نڪرو ۽ ڊگهي اڏام اڏامو. هوڏانهن سجل علي کي ٻين شوبز جي شخصيتن جن ۾ همايون سعيد، ماهره خان، بلال عباس خان، علي رحمان، زارا نور عباس ۽ ياسر حسين طرفان به مبارڪباد پيش ڪئي وئي. اداڪار همايون سعيد سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪيو ته پاڪستان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي.سجل اوهان کي مبارڪ هجي. اوهان جي محنت ۽ لگن اوهان کي ايستائين کڻي آئي ۽ انشاءَالله اوهان ان کان به اڳيان ويندو. اوهان هميشه ائين ئي چمڪندا رهو. هوڏانهن ماهره خان سجل جي ڪاميابي کي حيرت ڏيندڙ قرار ڏيندي ان تي فخر ڪيو. شوبز جي شخصيتن طرفان اداڪاره کي جما.ما گولڊ اسمٿ ۾ انٽري تي پاڪستان جي لاءِ هڪ فخر جوڳو ڪارنامو قرار ڏيندي ڪاميابي جو جشن ملهايو پيو وڃي. واضح رهي ته جمائما گولڊ اسمٿ جي پروڊڪشن ۾ تيار ٿيندڙ فلم(واٽس لووگاٽ ٽو ڊووِداٽ) جي شوٽنگ جي شروعان لنڊن ۾ ٿيندي.ڪجهه ڏينهن اڳ جمائما گولڊ اسمٿ طرفان ڪيل تصديق موجب سجل علي ۽ ڀارتي اداڪاره شبانه اعظمي ان جي فلم ۾ شامل آهي. ياد رهي ته فلم جي ڪهاڻي جمائما خان پاڻ لکي آهي جيڪا ان جي وزيراعظم عمران خان سان محبت ۽ شادي جي ڪهاڻي مان متاثر ٿي لکي وئي آهي. فلم جو هدايتڪار شيکهر ڪپور مشهور فلم مسٽر انڊيا سميت ڪيتريون ئي بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جون فلمون ٺاهي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔