ڏکڻ آفريقي ٽيم ڪورونا ٽيسٽون ناڪاري اچڻ کانپوءِ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي : پاڪستان جي دوري تي آيل ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ٻئي اسٽاف جون ڪورونا ٽيسٽون ناڪاري اچي ويون، جنهن کانپوءِ مهمان ٽيم ڪراچي جيم خاني ۾ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي پهچڻ کانپوءِ رانديگرن ۽ آفيشلز جون ڪورونا ٽيسٽون ٿيون هيون، اسڪواڊ ۾ شامل 27 رانديگرن ۽ عملي جي 11 ڄڻن جون ڪورونا ٽيسٽون ناڪاري آيون آهن.
ڪورونا ٽيسٽون ناڪاري اچڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريقي ٽيم ڪراچي جيم خاني ۾ سخت سيڪيورٽي ۾ ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔