اوڻويهه جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجا مطالبا رکنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ملڪن مان ڪهڙن ماڻهن پي ٽي آءِ کي ايترا پيسا ڏنا، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجا مطالبا رکنداسين، اميد آهي ته ماضي جيان اسان کي مايوس نه ڪيو ويندو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چئي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ جِي حڪومت ڪرپٽ ترين آهي، حڪومت جو هر واعدو دوکو ثابت ٿيو، ناجائز وزيراعظم جَي ڪري عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، بلاول ڀٽو ٻيٽن بابت آرڊيننس واپس وٺڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت اڃا تائين ويڪسين گهرائڻ جو بندوبست ئي ناهي ڪيو، لڳي ٿو ته ڪورونا ويڪسين لاءِ اڃا گهڻو انتظار ڪرڻو پوندو، حڪومت رڳو پرائيوٽ سيڪٽر کي ويڪسين جِي اجازت ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔