مرحوم بريگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير جي خودڪشي جو ڪارڻ نيب هو: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد: سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته نيب مون کي منهنجي جدوجهد کان نٿي روڪي سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو آهي ته نيب ڪنهن کي ڪنهن جي قابل نٿو ڇڏي، مرحوم بريگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير جي خودڪشي جو ڪارڻ جو نيب هو، نيب پنهنجو طريقو درست ڪري ۽ ماڻهن کي حراسان نه ڪري، اسد منير ڇو خودڪشي ڪئي؟، سچ سامهون آڻينداسين، پارليامينٽ ۾ بيهي ڪري چيو ته پارليامينٽ ڊنل آهي، هر ماڻهو ڊڳل آهي، ڪير به ڳالهائيندو ته ان کي نيب جو نوٽيس اچي ويندو. هن چيو آهي ته مان چاهيان ٿو ته سموريون شيون عدالت جي اڳيان رکيون وڃن، جڏهن ته نيب چيئرمين کي پرڏيهي ڪميٽي به طلب ڪري چڪي آهي، نيب چيئرمين، آفيسرز ۽ پنهنجو احتساب ڏيندس. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته نيب جي خلاف منهنجي استحقاق واري رٿ اڄ به موجود آهي، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو رٿ واپس ٿيندي ته هي غلط فهمي هوندي، حالتون اهڙيون بڻجي ويون جو مان مختلف قدم کڻندس. هن وڌيڪ چيو آهي ته نيب منهنجي جدوجهد کي نٿي روڪي سگهي، مان پوري پاڪستان ۾ ويندس، سڀاڻي اڪائونٽنٽ جنرل خرم همايون جي گهر به ويندس ۽ نيب سان متاثر ماڻهن سان ملاقاتون ڪندس، نيب هن وقت ٿاڻي کان وڌيڪ خراب ادارو بڻجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔